لاهور ۾ عمران خان جي گهر ٻاهريان پي ٽي آءِ ڪارڪنن جو ٻئين ڏينهن به ڌرڻو

news

 لاهور: جمعو 29 جون 2018ع: پاڪستان تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان جي لاهور واري گهر ٻاهريان ڪارڪنن ٻئي ڏينهن به احتجاجي مظاهرو ڪندي ڌرڻو هنيو آهي.

صوبائي اسيمبلي جي سيٽ پي پي 65 منڊي بهائو الدين سان تعلق رکندڙ تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن پارٽي ٽڪيٽ جي غير منصفاڻي ورهاست خلاف احتجاج ڪيو.

مظاهرين عمران خان جي گهر ٻاهريان ئي رات گذاري ۽ صبح ٿيندي ئي اتي ناشتو به ڪيو. مظاهرين جو چوڻ هو ته من پسند ماڻهو کي تڪ جي ٽڪيٽ ڏني وئي آهي، جيڪو عمل اسان کي قبول ناهي.