فلم سنجو رليز ٿيڻ کان اڳ ئي ليڪ، فلمسازن کي ڪروڙن جو نقصان

news

 ممبئي: جمعو 29 جون 2018ع: سنجي دت جي زندگيتي ٺهندڙ فلم سنجو آن لائين ليڪ ٿي وئي آهي، جنهنڪري فلمسازن کي ڪروڙين رپين جي نقصان جو خدشو آهي.

بالي ووڊ ۾ هر پاسي فلم سنجو جا چرچا آهن، ان فلم جو مداحن کي بيچيني سان انتظار هو، جيڪو اڄ ختم ٿيو، ڇاڪاڻ ته ڊگھي عرصي کانپوءِ فلم اڄ ڀارت سميت پوري دنيا ۾ رليز ڪئي وئي آهي، پر رليز ٿيڻ کان اڳ فلم کي هڪ وڏو ڌچڪو ان وقت لڳو جڏهن فلم سنجو آن لائين ليڪ ٿي وئي.

ميڊيا رپورٽن مطابق تمام گهڻا سوشل ميڊيا صارفين فلم جي ٽورينٽ ڊائون لوڊ لنڪ جو اسڪرين شاٽ شيئر ڪري رهيا آهن، جڏهن ته ٽوئيٽر صارفين جو چوڻ آهي ته فلم جو ايڇ ڊي پرنٽ ليڪ ٿي چڪو آهي.

ٻئي پاسي رنبير ۽ سنجي دت جي پرستارن سوشل ميڊيا تي ماڻهن کي اپيل ڪئي آهي ته چوري کي نه وڌايو ۽ فلم کي سينيما گهرن ۾ وڃي ڏسو.