ڪراچي کان نيويارڪ جو فاصلو ٻن ڪلاڪن ۾ طئه ڪندڙ جهاز

news

ڪراچي: جمعو 29 جون 2018ع: ڇا اوهان ڪنهن اهڙي جهاز ۾ سفر ڪرڻ پسند ڪندو جيڪو اوهان کي ڪراچي کان آمريڪي شهر نيويارڪ صرف 2 ڪلاڪن کان به گهٽ وقت ۾ پهچائي ڇڏي؟.

جي ها مشهور ڪمپني بوئنگ اهڙي هائپر سونڪ جهاز جي تياري تي ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي جيڪو هوائي سفر ۾ انقلاب برپا ڪري ڇڏيندو ۽ ڪراچي کان نيويارڪ جو سفر، جيڪو اڃان لڳ ڀڳ 18 ڪلاڪن ۾ طئه ٿيندو آهي صرف 2 ڪلاڪن ۾ ممڪن ٿي سگهندو.

بوئنگ اڃان ان جهاز جي رفتار کي ممڪن بڻائڻ تي ڪم ڪري رهيو آهي پر ان سان گڏوگڏ ان کي متعارف ڪرائڻ جي تاريخ جي اعلان جو ارادو به رکي ٿو. ان جهاز جي ڪانسيپٽ ڊيزائن جو ڊيبيو آمريڪن انسٽيٽيوٽ آف ايروناٽيڪس اينڊ Astronautics ۾ ٿيو.

ان موقعي تي ڪمپني جي اختيارين جو چوڻ هو ته اسان هڪ سپر سونڪ يا هائپر سونڪ صلاحيت رکندڙ جهاز جي خيال کي حقيقي شڪل ڏيڻ چاهي ٿا، جنهن سان پوري دنيا ۾ ڪنهن به جاءِ تي هڪ کان 2 ڪلاڪن ۾ پهچڻ ممڪن ٿي سگهي.

ياد رهي ته هائپر سونڪ جي ڪابه واضح تعريف ته ناهي پر عام طور تي ان جو حوالو اهڙن جهازن جي لاءِ ڏنو ويندو آهي جيڪو آُاز جي رفتار کان 5 ڀيرا تيز اڏام ڪري سگهي.

بوئنگ جو جهاز جيڪڏهن حقيقي شڪل اختيار ڪري سگهيو ته اهو 3900 ميل في ڪلاڪ جي رفتار سان سفر ڪري سگهندو.

هينئر تائين جي تاريخ جو تيز ترين جهاز ڪنڪورڊ نيويارڪ کان لنڊن جو فاصلو 3 ڪلاڪن ۾ طئه ڪرڻ جي صلاحيت رکندو هو جڏهن ته بوئنگ جو ڪانسيپٽ جهاز اهو سفر ان جي مقابلي ۾ اڌ وقت ۾ طئه ڪري سگهندو.