شاهد خاقان عباسي جي نااهلي وارو فيصلو معطل، اليڪشن وڙهڻ جي اجازت ملي وئي

news

لاهور: جمعو 29 جون 2018ع: هاءِ ڪورٽ اپيليٽ ٽربيونل جو فيصلو معطل ڪندي اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي کي اين اي 57 تي اليڪشن وڙهڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي.

رپورٽ موجب لاهور هاءِ ڪرٽ جي مظاهر علي اڪبر نقوي جي سربراهي ۾ 2 رڪني بينچ اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي درخواست تي شروعاتي ٻڌڻي ڪئي جنهن ۾ تاحيات نااهلي جي اپيليٽ ٽربيونل جي فيصلي کي چيلينج ڪيو ويو هو، درخواست ۾ اهو موقف اختيار ڪيو ويو ته ٽربيونل جي حقيقتن جي برعڪس کيس آرٽيڪل 62 ون ايف جي تحت نااهلي ڪيو جيتوڻيڪ اپيليٽ ٽربيونل وٽ کيس نااهل ڪرڻ جو اختيار ناهي.

درخواست ۾ نشاندهي ڪئي وئي ته سموري ڄاڻ ۽ تفصيل فراهم ڪرڻ جي باوجود کيس نااهل ڪيو يوو درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي ته اپيليٽ ٽربيونل جي فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي.

لاهور هاءِ ڪورٽ شاهد خاقان عباسي کي چونڊ وڙهڻ جي اجازت ڏيندي درخواست تي ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو آهي، درخواست تي وڌيڪ ڪارروائي پهرئين جولاءِ تي ٿيندي.