ڪائونٽي ڪرڪيٽ ۾ محمد عباس جون صلاحيتون وڌيڪ نکرڻ لڳيون

news

لنڊن: جمعو 29 جون 2018ع: انگلش ڪائونٽي ڪرڪيٽ ۾ محمد عباس جون وڌيڪ صلاحيتون نکرجڻ لڳيون.

انگلش ڪائونٽي ڊويزن ٽو ميچ ۾ ليسٽر شائر خلاف ڊربي شائر ٻئين اننگز ۾ محمد عباس جي تباهه ڪندڙ بالنگ کي منهن ڏيندڙ شروعاتي وڪيٽون جلد وڃائي ويٺي، پيسر جي سوئنگ جي سامهون لاجواب ٽيم جي پوري ڪوشش هئي ته باقي بيٽسمين ڪريز تي ڊگهي عرصي تائين رهي ميچ کي ڊرا طرف کڻي وڃن.

ان مقصد ۾ ڪاميابي حاصل ٿيندي نظر اچي رهي هئي، 86 رنسون ٺاهيندڙ ڪرچلي ٽيل اينڊرز سان وڌيڪ 10 اوور گذاري وٺي ها ته ميچ ڊرا تي ختم ٿي وڃي ها پر آئرلينڊ ۽ انگلينڊ خلاف گذريل سيريز ۾ پاڪستان طرفان بهترين بالنگ جو مظاهرو ڪندڙ محمد عباس کيس مڊ آن تي موجود فيلڊر جو ڪيچ بڻائيندي ڊربي شائر کي 184 رنسن تائين محدود ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.