نائجيريا ۾ آئل ٽينڪر کي باهه لڳڻ سبب نو ڄڻا فوت

news

لاگوس: جمعو 29 جون 2018ع: نائجيريا جي موٽر وي تي تيز رفتار آئل ٽينڪر ۾ باهه لڳڻ سبب 9 ڄڻا فوت جڏهن ته 53 گاڏيون باهه جي ور چڙهي ويون. نائجيريا جي شهر لاگوس جي مصروف موٽر وي تي تيز رفتار آئل ٽينڪر بريڪ فيل ٿي وڃڻ سبب هڪ گاڏي سان ٽڪرائجي ويو جنهن سبب آئل ٽينڪر ۾ باهه ڀڙڪي اٿي.

آئل ٽينڪر ۾ لڳل باهه ڏسندي ئي ڏسندي موٽر وي تي موجود ٻِن گاڏين کي به پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ورتو. حادثو ايترو اوچتو ٿيو جو ڪنهن کي سنڀلجڻ جو موقعو نه مليو جنهن سبب 9 ڄڻا سڙي فوت ۽ 53 گاڏيون سڙي رک جو ڍير بڻجي ويون.

نائجيريا جي وفاقي روڊ سيفٽي ڪميشن جي ترجمان بي سي ڪذيم جو چوڻ هو ته حادثو لاگوس کان ٻاهر ويندڙ رستي تي اوٽوتولا پل ويجهو آئل ٽينڪر جي بريڪ فيل ٿي وڃڻ سبب ٿيو جنهن ۾ ٽينڪر کان علاوه 45 ڪارون، 5 بسون، 2 ٽرڪ ۽ هڪ سائيڪل سڙي رد ٿي ويون.