هڪ سال ۾ ڏهه هزار ٻارڙا دهشتگردي جي واقعن ۾ فوت ۽ معذور ٿيا: گڏيل قومون

news

نيويارڪ: جمعو 29 جون 2018ع: گڏيل قومن جو چوڻ آهي ته 2017ع جي دوران دهشتگردي جي مختلف واقعن ۾ 10 هزار کان وڌيڪ ٻارڙا فوت ۽ معذور ٿيا آهن جڏهن ته 8 هزار ٻارڙن کي دهشتگردي جي واقعن ۾ استعمال ڪيو ويو.

گڏيل قومن جي چلڊرن اينڊ آرمڊ ڪنفليڪٽ جي سالياني رپورٽ موجب گهرو ويڙهه ۽ دهشتگردي جي واقعن ۾ ٻارڙن جي فوتين ۽ معذوري جي واقعن ۾ واڌ ڏسڻ ۾ آئي آهي.

گذريل سال 2017ع ۾ دنيا جي 20 مختلف ملڪن ۾ هٿياربند تڪرار جي ور چڙهي 10 هزار کان وڌيڪ ٻارڙا فوت يا معذوري جو شڪار ٿيا، انهن مان گهڻي قدر ٻارڙا شام، يمن ۽ افغانستان ۾ فوت ۽ معذور ٿيا.

گڏيل قومن جي رپورٽ موجب ٻارڙن جي مارجڻ جو سبب حملي آورن جو گهڻي قدر اسپتالن ۽ اسڪولن کي نشانو بڻائڻ آهي جنهن ۾ 2016ع جي مقابلي ۾ واڌ ڏسڻ ۾ آئي آهي.

ان کان علاوه گذريل سال ٻارن جي بنيادي حقن جي ڀڃڪڙي جا 21 هزار واقعا رڪارڊ ڪيا ويا جڏهن ته 8 هزار کان وڌيڪ ٻارن کي انتهاپسند پارٽين پنهنجي هٿياربند جدوجهد لاءِ استعمال ڪيو.

رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته سوڊان، عراق، شام، يمن ۽ افغانستان ۾ ٻارن جي بنيادي انساني حقن جي صورتحال انتهائي تڪليف ڏيندڙ آهي.