سائو صوف شوگر جي مريضن لاءِ فائديمند

news

نيويارڪ: جمعو 29 جون 2018ع: صوف انساني صحت لاءِ تمام گهڻو فائديمند ميوو آهي پر ڪهڙو صوف شوگر جي مريضڻ لاءِ وڌيڪ فائديمند اهي؟ اهو شوگر جي مريضن لاءِ ڄاڻڻ ضروري آهي.

هونئن ته موا ۽ ڀاڄيون صحت لاءِ بهتر هونديون آهن پر انهن جا قسم پنهنجي مخصوص خوراڪ يا خاصيت جي اعتبار سان هڪ ٻئين تي فوقيت رکن ٿا.

اهڙي طرح صوف جا به 2 قسم هوندا آهن، سائو صوف ۽ ڳاڙهو صوف جنهن کي گالا صوف به چوندا آهن.

سائي رنگ جو صوف جنهن کي ڪچو صوف به چوندا آهن ان ۾ شوگر جو مقدار ڳاڙهي صوف جي مقابلي ۾ گهٽ هوندو آهي، هڪ وچولي سائز جي سائي صوف ۾ 17 گرام جڏهن ته وچولي سائز واري ڳاڙهي صوف ۾ 23 گرام شوگر ملندي آهي.

ان لحاظ سان ڳاڙهي جي مقابلي ۾ شوگر جي مريضن لاءِ سائو صوف وڌيڪ فائديمند ثابت ٿيندو آهي.