اوگرا پاران پيٽرول جي قيمت پنج روپيا چاليهه پئسا في ليٽر وڌائڻ جي تجويز

news

اسلام آباد: جمعو 29 جون 2018ع: آئل اينڊ گيس ريگيوليٽري اٿارٽي (اوگرا) طرفان پيٽرول وارين شين جي قيمتن بابت سمري موڪلي وئي آهي جنهن ۾ پيٽرول 5 روپيا 40 پئسا في ليٽر مهانگو ڪرڻ جي تجويز پيش ڪئي وئي آهي.

ذريعن موجب پيٽرول وارين شين جي قيمتن ۾ واڌ جي سمري پيٽروليم ڊويزن کي موڪلي وئي آهي.

سمري ۾ ڊيزل جي في ليٽر قيمت 6 روپيا 20 پئسا جڏهن ته گاسليٽ 12 روپيا مهانگو ڪرن جي تجويز ڏني وئي آهي.

ان کان علاوه لائٽ ڊيزل آئل 10 روپيا 50 پئسا مهانگو ڪرڻ جو مشورو ڏنو ويو آهي.

ياد رهي ته گذريل ڪيترن ئي مهينن کان پيٽرول جي شين جي قيمتن ۾ واڌ ڪئي پئي وڃي.

هلندڙ مهيني نگران حڪومت پيٽرول جي قيمت ۾ 4 روپين 26 پئسن جي واڌ ڪئي هئي.