باڪسر عامر خان هڪ ڀيرو ٻيهر رنگ ۾ لهڻ لاءِ تيار

news

لنڊن: جمعو 29 جون 2018ع: باڪسر عامر خان هڪ ڀيرو ٻيهر رنگ ۾ لهڻ لاءِ تيار آهي، هو سيپٽمبر ۾ ورلڊ نمبر 10 ڪولمبيا جي سيموئيل ورگاس سان مقابلو ڪندو.

تفصيل موجب ٻئي باڪسر 8 سيپٽمبر تي ايرينا برمنگهم ۾ آمهون سامهون ٿيندا، جنهن جو باقاعدا اعلان ٻنهي باڪسرن جي موجودگي ۾ هڪ پريس ڪانفرنس دوران ڪيو ويو.

عامر خان اپريل ۾ ٿيندڙ فائٽ ۾ مخالف فل گريڪو کي صرف 39 سيڪنڊن ۾ ناڪ آئوٽ ڪري ڇڏيو هو.

عامر خان اميد جو اظهار ڪيو ته برمنگهم جا شوقين به آخري فائٽ جهڙي جوش ۽ فائر ورڪس سان انٽرٽين ٿيندا.

باڪسر جو چوڻ هو ته ورگاس مضبوط مخالف آهي جيڪو دنيا جي ٽاپ باڪسرز سان مقابلو ڪري چڪو آهي.

پريس ڪانفرنس ۾ عامر خان جو والد شاهه خان ۽ گهرواري فريال مخدوم به موجود هئي.