شهباز شريف ريحام خان سان رابطن وارا الزام رد ڪري ڇڏيا

news

 لاهور: ڇنڇر 30 جون 2018ع: ن ليگ جي صدر شهباز شريف ريحام خان سان رابطن وارا الزام رد ڪندي چيو آهي ته زندگي ۾ رڳو هڪ ڀيرو ريحام خان سان مليو آهيان.

نجي ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي ن ليگ جي صدر شهباز شريف ريحام خان سان رابطن جي ترديد ڪئي آهي. هن چيو ته زندگي ۾ رڳو هڪ ڀيرو ريحام خان سان ملاقات ٿي، جيڪڏهن ريحام خان سان ڪتاب لکرائڻ پويان منهنجي پٺڀرائي ثابت ٿي وڃي يا ان لاءِ مون ڪجهه به خرچ ڪيو هجي ته مان ذميوار آهيان.

هن چيو ته عمران خان مون مٿان ڪرپشن جا ڪيترائي الزام لڳايا پر هڪ به ثابت نه ڪري سگهيو.