نگران حڪومت پيٽرول مهانگو ڪري عوام تي وڌيڪ ظلم نه ڪري: آصف زرداري

news

 لاهور: ڇنڇر 30 جون 2018ع: اڳوڻي صدر آصف علي زرداري نگران حڪومت تي پيٽرول جي قيمت نه وڌائڻ جو زور ڀريو آهي.

آصف زرداري هڪ بيان ۾ چيو آهي ته نگران حڪومت پيٽرول جا اگهه وڌائڻ کان پاسو ڪري ۽ نواز شريف جي ستايل عوام تي وڌيڪ ظلم نه ڪري. آصف زرداري جو چوڻ هو ته پيٽروليم وارين شين جي قيمتن ۾ واڌ سان غريب ماڻهو وڌيڪ متاثر ٿيندو ۽ مهانگائي وڌندي.

هن ناصر الملڪ جي نگران حڪومت کان مطالبو ڪيو ته عوام تي وڌيڪ مهانگائي جو بار نه وڌو وڃي.