جاپاني وزيراعظم جي آمريڪي بچاءَ واري وزير سان ملاقات، اتر ڪوريا مٿان دٻاءُ وجهڻ لاءِ اتفاق

news

 ٽوڪيو: ڇنڇر 30 جون 2018ع: جاپان جي وزيراعظم شنزو آبي ٽوڪيو ۾ آمريڪي بچاءَ واري وزير جيمس ميٽس سان ملاقات ڪئي.

جاپان جي سڌ سماءَ وارن ذريعن مطابق جاپان ۽ آمريڪا اتر ڪوريا تي اهو زور ڀرڻ لاءِ اتفاق ڪيو آهي ته هو پنهنجي ائٽمي ۽ وڏي پيماني تي تباهي ڦهلائيندڙ ٻين هٿيارن کي مڪمل، تصديق لائق ۽ ناقابل واپسي انداز ۾ ختم ڪرڻ لاءِ خاص قدم کڻي.

جاپان جي وزيراعظم ٽوڪيو ۾ آمريڪي بچاءَ واري وزير سان ملاقات ۾ اتر ڪوريا طرفان جاپاني شهرين جي اغوا جو معاملو حل ڪرڻ لاءِ پنهنجو سهڪار وڌائڻ تي به اتفاق ڪيو.

شنزو آبي جاپان ۾ آمريڪي فورسز سان لاڳاپيل حادثن ۽ ڏوهن جي روڪ ٿام ۾ آمريڪي سهڪار جي درخواست ڪئي ته جيئن آمريڪي فوج جي مقرري جي ميزباني ڪندڙ اوڪيناوا پريفيڪچر ۽ ٻئي مقامي انتظاميا تي بار هلڪو ڪرڻ ۾ مدد ملي سگهي.

آمريڪي بچاءَ واري وزير چيو ته آمريڪا ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ جي ڪوشش ڪندو ته آمريڪي فورسز جون ڪارروائيون محفوظ هجن.