سيالڪوٽ ۾ شهرين جي ڪاوڙ، زاهد حامد جي گاڏيءَ تي ڏنڊن جو وسڪارو

news

 سيالڪوٽ: ڇنڇر 30 جون 2018ع: اڳوڻي وفاقي وزير زاهد حامد به شهرين جي ڪاوڙ جو شڪار ٿي ويو آهي ۽ پسرور ڪچهري جي دوري تي ڪاوڙيل شهرين ان جي گاڏيءَ تي ڏنڊن جو وسڪارو لائي ڏنو.

نجي ٽي وي مطابق اڳوڻو قانون وارو وزير زاهد حامد سيالڪوٽ جي پسرور ڪچهري واري علائقي ۾ پنهنجي پٽ سان گڏ چونڊ نشان الاٽ ڪرائڻ لاءِ پهتو ته واپسي تي اتي موجود شهرين ان کي گهيري هيٺ آڻي ڇڏيو.

شهرين زاهد حامد خلاف نعريبازي ڪئي، جنهن تي زاهد حامد جلدي ۾ پنهنجي گاڏي ۾ ويٺو ته ڪاوڙيل شهرين سندس گاڏي تي ڏنڊا ۽ ٺونشا هنيا. زاهد حامد ميڊيا ۽ شهرين سان ڳالهائڻ بدران اتان روانو ٿي ويو.