قلات ويجهو تيز رفتار بس ڪلٽي، پنجٽيهه مسافر زخمي

news

 ڪوئيٽا: ڇنڇر 30 جون 2018ع: سنگداس ويجهو قومي شاهراهه تي مسافر ڪوچ ڪلٽي ٿيڻ سان 35 کان وڌيڪ مسافر زخمي ٿي پيا، زخمين کي ڊسٽرڪٽ هيڊ ڪوارٽر قلات اسپتال پهچايو ويو.

رپورٽن مطابق ڪوئيٽا کان پنجگور ويندڙ مسافر ڪوچ قلات ويجهو سنگداس وٽ ٽائر برسٽ ٿيڻ سبب گهري کاهيءَ ۾ ڪري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ ڪوچ ۾ سوار 35 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا، زخمين ۾ عورتون ۽ ٻار به شامل آهن.

زخمين کي پوليس، ايڌي ايمبولينس ۽ پرائيوٽ گاڏين ذريعي ڊسٽرڪٽ هيڊڪوارٽر اسپتال قلات پهچايو، جتي ابتدائي طبي امداد کانپوءِ زخمين کي ڪوئيٽا منتقل ڪرڻ شروع ڪيو ويو آهي. اسپتال جي ذريعن مطابق زخمين ۾ 4 ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.