فلم سنجو رليز ٿيڻ جي پهرين ئي ڏينهن چوٽيهه ڪروڙ پنجهتر لک ڪمائي ورتا

news

 ممبئي: ڇنڇر 30 جون 2018ع: بالي ووڊ فلم ”سنجو“ باڪس آفس تي رليز ٿيڻ جي پهرين ڏينهن 34 ڪروڙ 75 لک رپين جو بزنس ڪري ورتو آهي.

ڀارتي سڌ سماءَ وارن ذريعن مطابق هدايتڪار راج ڪمار هيراني جي اداڪار سنجي دت جي زندگي تي ٻڌل فلم ”سنجو“ جمعي ڏينهن رليز ڪئي وئي، جنهن ڀارت ۾ پهرين ئي ڏينهن 34 ڪروڙ 75 لک رپين جو بزنس ڪري ورتو آهي، جڏهن ته ان فلم پهرين ڏينهن 34 ڪروڙ 75 لک جو بزنس ڪري اداڪار عامر خان جي فلم ”پي ڪي“، سلمان خان جي فلم ”ريس 3“ ۽ هالي ووڊ فلم ”ايونجرز انفنٽي وار“ جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو آهي.

فلم ۾ اداڪار رنبير ڪپور سنجي دت جو ڪردار ادا ڪيو آهي، جڏهن ته فلم ۾ اداڪارا منيشا ڪوئرالا، ديا مرزا، سونم ڪپور، انوشڪا شرما، پريش راول ۽ ٻيا شامل آهن.