پريانڪا چوپڙا چوٿون ڀيرو دنيا جي پرُڪشش عورت قرار

news

 ممبئي: ڇنڇر 30 جون 2018ع: بالي ووڊ اداڪارا پريانڪا چوپڙا کي چوٿون ڀيرو دنيا جي پرڪشش عورت قرار ڏنو ويو آهي.

پرڏيهي رسالي ميگزم چوٿون ڀيرو پريانڪا چوپڙا کي دنيا جي پرڪشش عورت قرار ڏنو آهي. پريانڪا چوپڙا نه رڳو بالي ووڊ ۾ پنهنجي اداڪاري جا جوهر ڏيکاري رهي آهي پر هن هالي ووڊ ۾ به آمريڪن ٽي وي سيريز ڪوائنٽڪو ذريعي پنهنجي ڪاميابي ظاهر ڪئي آهي.

پرڏيهي رسالي ميگزم جي هاٽ 100 فهرست ۾ پريانڪا چوٿون ڀيرو پنهنجي جاءِ ٺاهڻ ۾ ڪامياب وئي آهي، جنهن ۾ کيس دنيا جي پرڪشش عورت قرار ڏنو ويو آهي. ان کان اڳ 2011ع، 2013ع ۽ 2016ع جي لسٽ ۾ به پريانڪا جو نالو شامل هو.