نيب پنجاب پوليس ۾ ڪرپشن جي جاچ شروع ڪري ڇڏي

news

 لاهور: ڇنڇر 30 جون 2018ع: نيب پنجاب پوليس ۾ ڪرپشن ۾ ملوث آفيسرن خلاف جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

نجي ٽي وي مطابق سياستدانن ۽ بيورو ڪريٽن کانپوءِ پنجاب پوليس ۾ به نيب جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. ان حوالي سان نيب لاهور پاران آءِ جي پنجاب کي لکيو ويو آهي، جنهن ۾ سامان جي خريداري جا تفصيل ۽ ملوث آفيسرن جا تفصيل طلب ڪيا ويا آهن. نيب ذريعن مطابق آءِ جي پنجاب کي مڪمل رڪارڊ ڏيڻ لاءِ ڪيترائي خط لکيا ويا آهن پر پنجاب پوليس هن وقت تائين مڪمل رڪارڊ ناهي ڏنو، ان لاءِ نيب فيصلو ڪيو آهي ته نئين آءِ جي کي به خط لکيو ويندو.

نيب لاهور ايس ايس پي عبدالرب چوڌري جي جاچ رپورٽ جي بنياد تي پنجاب پوليس ۾ 2012ع کان 2015ع دوران بلٽ پروف ۽ سيءَ کان بچاءَ وارين جيڪٽس جي خريداري جي ڇنڊڇاڻ، ڊولفن هيلميٽ، هٿڪڙيون، ڇٽيون ۽ اينٽي رائٽس فورس جي سامان جي خريداري ۾ ڪرپشن ۽ پوليس آفيسرن جي ڪرپشن ذريعي هائوسنگ سوسائٽي ۾ گهر ۽ گهر ٺاهڻ جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.