ڇهه هزار ڇهه سئو نوي هيرن سان جڙيل منڊي، قيمت پنجاهه ڪروڙ روپيا

news

دلي: ڇنڇر 30 جون 2018ع: ڀارت جي مشهور سوناري وشال اگروال ۽ خوشبو اگروال 6690 هيرن سان جڙيل 18 قيراط سون جي هڪ منڊي تيار ڪئي آهي جنهن کي گنيز بڪ ورلڊ رڪارڊ ۾ شامل ڪري ورتو آهي.

ڪنول جي خوبصورت گُل جي شڪل واري ان منڊي ۾ 6690 هيرا جڙيل آهن جيڪي ڪٽ ڊائمنڊ آهن جڏهن ته 58 گرام جي ان منڊي جي قيمت 49 ڪروڙ 40 لک روپيا رکي وئي آهي.

گنيز بڪ آف ورلڊ رڪارڊ ان منڊي کي سڀ کان وڏيڪ هيرن واري منڊي جو سرٽيفڪيٽ به ڏنو آهي. ان کان اڳ سيويو جيولري مور پنک جهڙي منڊي ٺاهي هئي جنهن ۾ 3827 ڪٽ ڊائمنڊ لڳايا ويا هئا جڏهن ته هاڻ ڪنول منڊي ان رڪارڊ کي وڏي هدف سان ٽوڙي ڇڏيو آهي، اهي سونارا  ڀارت جي شهر سورت سان تعلق رکن ٿا.

منڊي ۾ لڳل سمورن هيرن جو گڏيل وزن ڪيو وڃي ته اهو گولف جي هڪ بال کان به ڳرو هوندو جنهن کي تمام نفيسي سان گل جي 48 پتين تي لڳايو ويو آهي.

ان منڊي کي وشال اگروال ڊيزائن ڪيو آهي ۽ هنومان ڊائمنڊز جي هڪ شاخ خوشبو ان پروجيڪٽ لاءِ هيرا فراهم ڪيا آهن. منڊي کي ڪنول جي صورت ڏيڻ جو مقصد ماڻهن ۾ ماڻهن جي استعمال ۾ احتياط جي آگاهي فراهم ڪرڻ آهي.