هاڪي چيمپيئنز ٽرافي: نگران حڪومت قومي ٽيم جي خراب ڪارڪردگي جو نوٽيس وٺي ڇڏيو

news

اسلام آباد: ڇنڇر 30 جون 2018ع: نگران حڪومت هاڪي چيمپيئنز ٽرافي ۾ قومي ٽيم جي مايوس ڪندڙ ڪارڪردگي جو نوٽيس وٺي ڇڏيو.

بريڊا ۾ جاري چيمپيئنز ٽرافي هاڪي ٽورنامينٽ ۾ رائونڊ ليگ جي آخري ميچ ۾ بيلجيئم کان شڪست کانپوءِ پاڪستاني ٽيم ميڊل جي ڊوڙ کان ٻاهر ٿي وئي آهي.

ذريعن موجب نگران حڪمت هاڪي ٽيم جي خراب ۽ مايوس ڪندڙ ڪارڪردگي جو نوٽيس وٺي ڇڏيو آهي.

ذريعن ٻڌايو ته نگران حڪومت هاڪي فيڊريشن جي 20 ڪروڙ روپين جي خاص گرانٽ به روڪي ورتي آهي جنهن جي منظوري اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ڏني هئي.

ٻئي طرف اسپورٽس بورڊ ٽيم جي خراب ڪارڪردگي تي پاڪستان هاڪي فيڊريشن کان جواب طلب ڪرڻ جو فيصلو به ڪيو آهي.

ياد رهي ته هاڪي چيمپيئنز ٽرافي ۾ پاڪستان کي ڀارت سميت هالينڊ، بيلجيئم ۽ آسٽريليا طرفان شڪست جو منهن ڏسڻو پيو آهي.