نگران حڪومت پاران پيٽروليم وارين شين جي قيمت ۾ ڳاٽي ٽوڙ واڌ، پيٽرول في ليٽر سئو رپيا ٿي ويو

news

 اسلام آباد: پهرين جولاءِ 2018ع: نگران حڪومت عوام کي رليف ڏيڻ ۾ ناڪام وئي آهي، نگران حڪومت عوام کي رليف ڏيڻ بدران پيٽروليم وارين شين جي اگهن ۾ ڳاٽي ٽوڙ واڌ ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ پيٽرول هاڻي 99 رپيا 50 پئسا في ليٽر ٿي ويو آهي.

ناڻي واري وزارت پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن مطابق پيٽرول جي قيمت ۾ 7 رپيا 54 پئسا في ليٽر واڌ ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ ان جي نئين قيمت 99 رپيا 50 پئسا ٿي وئي آهي. ڊيزل جي قيمت ۾ في ليٽر 14 رپين جي واڌ ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ ان جي نئين قيمت 119 رپيا 31 پئسا ٿي وئي آهي، گاسليٽ جي قيمت ۾ 3 رپيا 36 پئسا وڌائڻ کانپوءِ نئين قيمت 87 رپيا 7 پئسا في ليٽر ٿي وئي آهي.

نگران حڪومت پاران لائيٽ ڊيزل جي قيمت ۾ 5 رپيا 92 پئسا في ليٽر واڌ ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ ان جي نئين قيمت 80 رپيا 91 پئسا ٿي وئي آهي.

سرڪاري پڌرائي مطابق مشڪل مالي حالتن سبب پيٽروليم وارين شين جي اگهن ۾ واڌ ڪئي وئي.