اين اي هڪ سئو پنجونجاهه: اميدوارن جي حتمي لسٽ مان پي ٽي آءِ اميدوار جو نالو گم

news

 ملتان: آچر پهرين جولاءِ 2018ع: قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 155 لاءِ جاري ڪيل اميدوارن جي حتمي لسٽ مان تحريڪ انصاف جي ڪنهن به اميدوار جو نالو موجود ناهي.

تحريڪ انصاف جي اميدوار ملڪ عامر ڊوگر اين اي 155 ملتان تي نامزدگي ڪاغذ جمع ۽ پارٽي ٽڪيٽ جمع ڪرائي پر اميدوارن جي حتمي لسٽ ۾ نه ان جو نالو موجود هو ۽ نه ئي ڪنهن پي ٽي آءِ اميدوار جو نالو موجود آهي.

ٻئي پاسي اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته تڪ اين اي 155 جي حتمي لسٽ رٽرننگ آفيسر تيار ڪئي آهي.

پي ٽي آءِ اميدوار عامر ڊوگر جو چوڻ آهي ته حتمي لسٽ مان سندس نالو ناهي لکيو ويو، غلطي جي نشاندهي ڪئي آهي ۽ اليڪشن ڪميشن ڪجهه دير ۾ نئين لسٽ جاري ڪندي.