فضل الرحمان اهو چڪمڪ آهي جيڪو جيڏانهن طاقت هوندي آ ان سان جڙي ويندو آهي: عمران خان

news

بنون: آچر 01 جولاءِ 2018ع: تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جو چوڻ آهي ته بنون جي فرعون جو مقابلو ڪرڻ لاءِ هتان اليڪشن وڙهڻ جو فيصلو ڪيو آهي. بنون ۾ جلسي کي خطاب ڪندي عمران خان جو چوڻ هو ته اڪرم خان دراني جي باري ۾ سڀ ڄاڻين ٿا ته 2013ع کان اڳ ان جي ڪهڙي حيثيت هئي پر اڄ ڪروڙپتي بڻجي ويو آهي.

عمران خان چيو ته جڏهن اڪرم خان دراني اوهان وٽ اچي ته ان کان پڇجو ته اوهان حڪومت ۾ هو ته قرض 14 هزار ارب روپين کان 27 هزار ارب روپيا ٿي ويو ته ڪيڏانهن ويو اهو قرض ۽ رقم ڪيئن لاهيندي ان قرض کي.

جميعت علماءِ اسلام ف جي سربراهه مولانا فضل الرحمان کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي عمران خان جو چوڻ هو ته فضل الرحمان کي مولانا چوڻ مولانا جي توهين سمجهان ٿو ڇو ته ڊيزل جي پرمٽ تي وڪامجندڙ مولانا نٿو ٿي سگهي.

هن جو چوڻ هو ته فضل الرحمان هڪ چڪمڪ آهي جتي طاقت هوندي آهي اتي وڃي جڙي ويندو آهي ۽ ڪشمير ڪميٽي جو چيئرمين ضرور بڻجندو آهي.

هن چيو ته فضل الرحمان ۽ دراني جون حالتون بهتر ٿينديون ويون پر بنون جي ماڻهن جون حالتون ٺيڪ نه ٿيون. عمران خان چيو ته منهنجو خواب آهي ته سڀ کان پهريان سرڪاري اسڪولن جو نظام ٺيڪ ٿئي ته جيئن هڪ غريب ٻار به پڙهي اڳتي اچي سگهي.

هن چيو ته اسان جو نظام ايئن هجي جو جيڪو محنت ڪري اهو مٿي اچي پر هن ملڪ ۾ اڪرم دراني جهڙو قبضا گروپ ماڻهن کي اڳتي اچڻ نه ٿو ڏئي.

هن جو چوڻ هو ته ڪي پي ڪي جي حڪومت 5 سالن ۾ 60 هزار استاد ڀرتي ڪيا، 1000 اسڪول ٺاهيا ۽ هڪ لک ٻار نجي اسڪولن کان سرڪاري اسڪولن ۾ آيا.

تحريڪ انصاف جي چيئرمين چيو ته پختونخواهه جي حڪومت پاڻي سان بجلي جا 4 پراجيڪٽ ٺاهيا ۽ 74 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪئي. هن چيو ته اسان 300 ننڍا ننڍا پاوڙ اسٽيشن چشما جي مٿان ٺاهيا ۽ جتي ڪڏهن بجلي نه هئي اتي بجلي پهچائي.