ن ليگي اميدوار کي ڌمڪيون ملڻ وارو معاملو: راڻا اقبال معاملي جي ترديد ڪري ڇڏي

news

ملتان: آچر 01 جولاءِ 2018ع: چونڊن ۾ حصو وٺندڙ ن ليگي اميدوار راڻا اقبال سرجا تشدد جو نشانو بڻائڻ ۽ خطرناڪ نتيجن جي ڌمڪين ملڻ جي معاملي جي ترديد ڪري ڇڏي.

ن ليگي اميدوار راڻا اقبال سراج هڪ وڊيو پيغام وسيلي ٻڌايو ته سندس گودام تي پيش آيل جنهن واقعي جو ذڪر ڪيو پيو وڃي اهو غلط فهمي جو نتيجو هو.

هن چيو ته سندس گودام تي زراعت کاتي جون اختياريون آيون ۽ ادارن جي باري ۾ سندس غلطي فهمي هئي اها ختم ٿي چڪي آهي ۽ ان جي معاملي سان ڪنهن اداري جو ڪوبه تعلق ناهي ۽ هو پنهنجي گذريل بيان جي ترديد ڪري ٿو.

ياد رهي ته ملتان مان چونڊن ۾ حصو وٺندڙ ن ليگي اميدوار راڻا اقبال سراج جي هڪ وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي هئي جنهن ۾ هن جي دعويٰ هئي ته چونڊ ڊوڙ مان نڪرڻ لاءِ ان تي دٻاءُ  وڌو ويو ۽ خطرناڪ نتيجن جون ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن.