هاڻ آواز جي طاقت واري برش سان ڏند صاف ڪريو

news

لنڊن: آچر 01 جولاءِ 2018ع: هڪ ڪمپني روايتي ڏندڻ کي تبديل ڪندي اعلان ڪيو آهي ته هن آواز ذريعي ڏند صاف ڪندڙ هڪ انقلابي ڏندڻ ٺاهيو آهي جيڪو صرف 30 سيڪنڊن ۾ ڏندن کي مڪمل طور تي صاف ڪندو آهي.

ڪڪ اسٽارٽر تي اها ايجاد ماڻهن طرفان مالي مدد جي منتظر آهي جنهن کي ”چيز“ ڏندڻ جو نالو ڏنو ويو آهي، ياد رهي ته ان کان اڳ ايما برش ۽ يونيڪو نالي اهڙن ئي ڏندڙن کي عوام رقم ڏئي ڪامياب ڪرايو هو پر واهپيدارن ان تي مايوسي جو اظهار ڪيو.

اهو هڪ ٻٽيهي نموني جو ڏندڻ آهي جنهن کي استعمال ڪرڻ تمام آسان آهي ۽ ڊيزائن ڏسي اندازو ٿيندو آهي ته شايد اهو اميدن موجب ڪم ڪري سگهندو.

مائوٿ پيس ڏندڻ ٻٽيهي جيان آهي ۽ ان ۾ موجود برش جا ريشا ڪجهه اهڙي طرح ڊيزائن ڪيا ويا آهن جيڪو سمورن 28 ڏندن سان لڳي ويندا آهن، ڏندڻ کي ٻن مختلف سائز ۾ تيار ڪيو ويو آهي.

چيز ۾ موٽر لڳل آهي جيڪا آواز پيدا ڪندي آهي، برش جا ريشا غير معمولي رفتار تي هڪ منٽ ۾ 25 هزار ڀيرا ڏندن سان رگڙجنڊا آهن. پيسٽ کي بهترن انداز ۾ گجي ۾ تبديل ڪندا آهن ۽ ڏندن جي وچ جو غلاظت بلڪل صاف ٿي ويندي آهي.