افغانستان ۾ سکن تي خودڪش حملو، اڻويهه ڄڻا مارجي ويا

news

ڪابل: آچر 01 جولاءِ 2018ع: افغان شهر جلال آباد ۾ سکن جي آبادي تي خودڪش حملي ۾ 10 سک رهواسين سميت گهٽ ۾ گهٽ 19 ڄڻا مارجي ويا ۽ 20 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا.

افغان ميڊيا موجب جلال آباد ۾ ٿيندڙ خودڪش حملي ۾ سکن کي نشانو بڻايو ويو، حملو ٿيندي ئي سيڪيورٽي ادارن واقعي واري جاءِ کي گهيري آ۾ آڻي ورتو جڏهن ته ريسڪيو ادارن زخمين ۽ لاشن کي اسپتال منتقل ڪيو، غير تصديق ٿيل اطلاعن موجب حملو گورنر هائوس ويجهو ٿيو.

صوبائي گورنر عطاءُ الله خوگياني واقعي ۽ فوتگين جي تصديق ڪندي چيو آهي ته حملو خودڪش هو، جڏهن ته هن حملي بابت وڌيڪ  تفصيلن کان آگاهه نه ڪيو.

اطلاع آهن ته سکن جو هڪ گروپ افغان صدر اشرف غني سان ملاقات لاءِ وڃي رهيو هو، اشرف غني ان وقت صوبي جي دوري تي هو ته اهو واقعو پيش آيو.

ياد رهي ته افغانستان ۾ رهندڙ سکن تي ٿيندڙ اهو حملو گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن جو سڀ کان وڏو حملو آهي.