روهڙي ۾ جيالي پاران خورشيد شاهه تي چمين جو وسڪارو

news

سکر: آچر 01 جولاءِ 2018ع: روهڙي ۾ پيپلز پارٽي جي چونڊ جلسي ۾ هڪ پرستار اڳوڻي اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه کي چمين جو وسڪارو لاهي ڏنو.

خورشيد شاهه ان شخص کان بچڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو جڏهن ته سندس پرستار اصرار ڪندو رهيو، اڳوڻي اپوزيشن ليڊر مشڪل سان پرستار کان جان ڇڏائي ۽ اهي دلچسپ منظر ڪئميرا جي اک ۾ محفوظ ٿي ويا.

سياستدانن کي چونڊ مهم جي دوران جتي عوام جي تکن، ڪڙن سوالن ۽ ردعمل کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، اتي ئي سياستدانن جا حمايتي به ميدان ۾ اچي ويا آهن.

روهڙي ۾ هڪ جيالي جذبات ۾ اچي پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه کي چمين جو وسڪار لاهي ڏنو. روهڙي جي علائقي اڇي قبيون ۾ خورشيد شاهه جي قيادت ۾ ريلي ڪڍي وئي، ريلي ۾ موجود جيالي خورشيد شاهه کي چمي ڏيڻ تي تمام گهڻو اصرار ڪيو جڏهن ته خورشيد شاهه ان کان ڪيٻائيندو رهيو.

اتي موجود ٻين اڳواڻن به جيالي کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي پر ڪامياب نه ٿيا ۽ پرجوش جيالي خورشيد شاهه کي چمين جو وسڪارو لاهي ڏنو جنهن تي خورشيد شاهه ناگواري جو اظهار ڪيو ۽ جيالي کان هٿ ڇڏائي ورتو.