احسن اقبال جي خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي اليڪشن کانپوءِ تائين ملتوي

news

لاهور: سومر 02 جولاءِ 2018ع: لاهور هاءِ ڪورٽ اڳوڻي وفاقي گهرو وزير ۽ ن ليگي اڳواڻ احسن اقبال جي خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي اليڪشن کانپوءِ 5 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. 

لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس مظاهر علي اڪبر نقوي تي ٻڌل ٽي رڪني فل بينچ احسن اقبال خلاف توهين عدالت جي درخواست جي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي جي شروعات تي احسن اقبال جي وڪيل طرفان تفصيلي جواب جمع ڪرايو ويو، ن ليگي اڳواڻ جي وڪيل چيو ته تفصيلي جواب ۾ سندس موڪل پنهنجي غلطي قبول ڪري ورتي آهي.

عدالت احسن اقبال سان مڪالمو ڪوي ته ڇا اوهان پنهنجي جواب ۾ پنهنجي غلطي کي قبول ڪيو آهي، اوهان پنهنجون تعريف گهڻي ڪئي آهي.

عدالت چيو ته عدالت کان ٻاهر وڃي اوهان بيان ڏيندا آهيو ته اوهان جي پارٽي کي نشانو بڻايو پيو وڃي، هڪ طرف چئو ٿا ته آئندا اهڙي ڳالهه نه ڪندس، ٻاهر وري اها ئي ڳالهه ڪندا آهيو اوهان سياسي ورڪر آهيو سياسي ورڪر جي دل عام ماڻهن کان وڏي هوندي آهي، اوهان عدالتن جي باري ۾ ايئن کي ڪمينٽس ڪندو ته ڇا ٿيندو؟ عدالت اڳوڻي وفاقي وزير کي وڌيڪ چيو ته اوهان جيڪا تقرير ڪئي، ڇا تقرير لاءِ درست موقعو هو؟ جيڪو اوهان جي ليڊرشپ ڪري رهي آهي اهو ڇا آهي؟

هڪ سئو پيشيون ڀوڳي ورتيون ته ڇا ٿيو؟ فل بينچ توهين عدالت جي درخواست تي ڪارروائي 5 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.