مٽي سان ڍڪيل گاڏين تي تصويرون ٺاهيندڙ انوکو روسي آرٽسٽ

news

ماسڪو: سومر 02 جولاءِ 2018ع: روس ۾ هڪ فنڪار اهڙو به آهي جنهن کي ڪابه مٽي سان ڍڪيل گاڏي نظر ايندي آهي ته هو ان کي هڪ ڪارو ڪينوس سمجهندي ان تي دلچسپ تصويرون ٺاهي ڇڏيندو آهي.

نڪيتا گوليوبيف هڪ ماهر مصور آهي ۽ هو پنهنجي مهارت سان مٽي سان ڍڪيل ڪارن کي گهمندي ڦرندي فنپارا ٺاهي ڇڏيندو آهي. پنهنجي گاڏي کي صاف نه رکندڙ سست مالڪ چاهي نه چاهي تڏهن به نڪيتا خاموشي سان ان تي تصوير ٺاهيندو آهي.

جڏهن به ان کي ميري گاڏي نظر ايندي آهي هو ان تي دستانا پائي آڱريون ڦيري زبردست تصويرون ٺاهيندو آهي. ڪجهه وقتن تي ماڻهو ڄاڻي واڻي پنهنجون گاڏيون ميريون رکندا آهن ته شايد نڪيتا اچي ان تي تصويرون ٺاهيندو.

نڪيتا جي فيس بڪ پيج تي اوهان ان جو باقاعدا ڪم به ڏسي سگهو ٿا جنهن ۾ مصوري، ڊجيٽل آرٽ، ڊرائنگز ۽ ٻيا فن پارا شامل آهن جڏهن ته انهن گاڏين تي ڪيل ڪم تمام گهڻو مشهور ٿيو ۽ سوشل ميڊيا تي ان کي ساراهيو ويو اهي.