ترڪي ۾ فوجي بغاوت ۾ ملوث درجنين ڪرنلز جي گرفتاري جو حڪم

news

انقرا: سومر 02 جولاءِ 2018ع: ترڪي جي حڪومت فوجي بغاوقت جي جاچ ۾ وڌيڪ فوجي آفيسرن جي گرفتاري جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو.

ترڪي جي سرڪاري خابرو اداري موجب حڪومت فوجي بغاوت ۾ ملوث هجڻ جي الزام ۾ درجنين ڪرنلن سميت 68 جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. جن جوابدارن جي گرفتاري جو حڪم ڏنو ويو آهي انهن ۾ 22 ڪرنل ۽ 27 ليفٽيننٽ ڪرنلز شامل آهن.

هينئر تائين 19 آفيسرن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، ترڪي جي قانون واري کاتي ٻڌايو ته اهي جوابدار باغين جي مبينا اڳواڻ فتح الله گولن سان فون وسيلي رابطي ۾ هئا.

گڏيل قومن جي انساني حقن بابت کاتي موجب ترڪ حڪومت جو تختو ليٽائڻ جي ڪوشش ۾ ملوث هجڻ جي الزام ۾ هينئر تائين هڪ لک 60 هزار جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي ۽ ايترن ئي سرڪاري ملازمن کي به نوڪري مان فارغ ڪيو ويو آهي، 50 هزار کان وڌيڪ جوابدارن تي باضابطه طور تي ڪيس هلائي مختلف سزائون ٻڌايون ويون.