اٺن ورهين جي نينگر جي يونيورسٽي ۾ داخلا

news

برسلز: سومر 02 جولاءِ 2018ع: پرڏيهي خابرو اداري موجب لورين سمنز نالي ان ٻار ڇهن سالن جي هاءِ اسڪول جي تعليم صرف ڏيڍ سال ۾ پوري ڪري ورتي آهي ۽ هاءِ اسڪول جي ڊپلوما پنهنجي عمر کان ڏهه سال وڌيڪ وڏن ٻارن سان گڏ حاصل ڪئي.

لورين جي والد جو تعلق بيلجيئم سان آهي جڏهن ته ان جي والد هالينڊ مان آهي، نينگر جي والدين جو چوڻ هو ته سندس آءِ ڪيو 145 آهي.

هڪ مقامي ريڊيو اسٽيشن سان ڳالهائيندي لورين جو چوڻ ه ته سندس پسنديدا مضمون رياضي آهي ڇو ته اهو تمام وڏو آهي ۽ ان ۾ شماريات، الجبرا ۽ جيوميٽري شامل آهن.

اسڪول مڪمل ڪرڻ کانپوءِ هو ٻن مهينن جي گرمين جي ڇٽين کانپوءِ يونيورستي شروع ڪرڻ وارو آهي.