مٿن چڪروتي جي پٽ تي اداڪارا پاران زيادتي جو ڪيس

news

 نئين دهلي: اڱارو 03 جولاءِ 2018ع: نئين دهلي جي عدالت پوليس کي مٿن چڪروتي جي پٽ مهاڪشي چڪروتي مٿان اداڪارا سان جنسي زيادتي ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.

ڀارتي ميڊيا مطابق نئين دهلي جي عدالت مٿن چڪروتي جي گهر واري ۽ پٽ خلاف ڀوج پوري فلم انڊسٽري جي اداڪارا هڪ شڪايت داخل ڪرائي، جنهن ۾ مهاڪشي چڪروتي تي الزام مڙهيو ويو آهي ته هو مون سان شادي جو واعدو ڪري جنسي زيادتي جو نشانو بڻائيندو رهيو پر هاڻي ڪنهن ٻئي سان شادي ڪري رهيو آهي.

عدالت مٿن چڪروتي جي پٽ ۽ گهر واري خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو ويو آهي.