ٿائيلينڊ ۾ گم ٿيل تيرنهن ڄڻا نوَ ڏينهن کانپوءِ غار مان هٿ

news

 بينڪاڪ: اڱارو 03 جولاءِ 2018ع: ٿائيلينڊ ۾ امدادي رضاڪارن 12 ٻارڙِن ۽ ان جي فٽبال ڪوچ کي ٻوڏ سٽيل وڏي غار مان هٿ ڪري ورتو آهي.

ڄاڻايل ٻارڙا ۽ سندن ڪوچ 9 ڏينهن اڳ گم ٿي ويا هئا. ڄاڻايل ماڻهو چيان راءِ ۾ ٿم لوانگ ۾ گهڻي ڳولا کانپوءِ ٻن برطانوي غوطا خورن کي غار مان هٿ آيا.

گورنر مطابق جونيئر فٽبال جي ٽيم 12 ٻار ۽ ان جو ڪوچ 23 جون تي غارن جي مهم دوران پاڻي سان ڀريل هڪ غار ۾ گم ٿي ويا هئا. سندن ڳولا ۾ ٿائيلينڊ جي عملدارن سان گڏ آمريڪا، برطانيا، آسٽريليا ۽ چين جون امدادي ٽيمون هيون.