بلوچستان هاءِ ڪورٽ به سردار يار محمد رند کي نااهل قرار ڏئي ڇڏيو

news

 ڪوئيٽا: اڱارو 03 جولاءِ 2018ع: بلوچستان هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ بلوچستان جي صدر سردار يار محمد رند کي چونڊن ۾ حصو وٺڻ لاءِ نااهل قرار ڏئي ڇڏيو آهي.

رپورٽن مطابق رٽرننگ آفيسر تحريڪ انصاف بلوچستان جي صدر سردار يار محمد رند جا جعلي ڊگري ۽ قتل ڪيس جي الزامن هيٺ نامزدگي ڪاغذ رد ڪندي کيس نااهل قرار ڏنو هو، جنهن کانپوءِ هن ايپليٽ ٽربيونل ۾ اپيل داخل ڪئي، جنهن پڻ آر او جو فيصلو برقرار رکيو. تحريڪ انصاف جي صوبائي صدر سردار يار محمد رند ايپليٽ ٽربيونل جي فيصلي کي بلوچستان هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو.

بلوچستان هاءِ ڪورٽ جي جسٽس نعيم اختر افغان ۽ جسٽس نظير لانگو تي مشتمل ٻه رڪني بينچ سردار يار محمد رند جي اپيل تي ٻڌڻي ڪئي ۽ گذريل ٻڌڻي تي فيصلو محفوظ ڪيو.

عدالت اڄ محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائيندي ايپليٽ ٽربيونل جي فيصلي کي برقرار رکيو ۽ پي ٽي آءِ جي صوبائي صدر کي اليڪشن ۾ حصو وٺڻ لاءِ نااهل قرار ڏنو.

ٻئي پاسي سردار يار محمد رند هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ وڃڻ جو اعلان ڪيو آهي.