واٽس ايپ ”ون وي براڊ ڪاسٽ“ جي نالي سان نئون فيچر متعارف ڪرائي ڇڏيو

news

 سان فرانسسڪو: اڱارو 03 جولاءِ 2018ع: سوشل ميڊيا ايپليڪشن واٽس ايپ ”ون وي براڊ ڪاسٽ“ جي نالي سان نئون فيچر متعارف ڪرائي ڇڏيو آهي، جنهن ۾ ڪنهن گروپ ۾ مسيج سينڊ ڪرڻ جو اختيار رڳو گروپ ايڊمن يا ايڊمنز کي ئي حاصل هوندو.

ان فيچر جو مقصد گروپ ميمبرن کي اهم معلومات فرام ڪرڻ آهي. ان فيچر کي استعمال ڪرڻ لاءِ صارفين ”گروپ انفو“  ۾ وڃي ”اونلي ايڊمنز“ کي سليڪٽ ڪري سگهن ٿا. اهو فيچر سڄي دنيا ۾ واٽس ايپ جي صارفين لاءِ دستياب هوندو. واٽس ايپ انهي سلسلي ۾ هڪ ٻيو فيچر پڻ جلد متعارف ڪرائيندو، جنهن تحت صارفين کي گروپ جي مقصد، گائيڊ لائنز ۽ عنوان بابت ٻڌايو ويندو. 

ان فيچر تحت جڏهن ڪو صارف ڪو گروپ جوائن ڪندو ته کيس چيٽ ايڪٽ جي مٿان گروپ جا ڄاڻايل تفصيل نظر ايندا. واٽس گروپ ايپ طرفان هڪ ٻيو فيچر متعارف ڪرائڻ جو اعلان پڻ ڪيو ويو آهي.