خبر ناهي فهد مصطفيٰ مون کي ”باجي“ ڇو چوندو آهي: ماهره خان

news

 لاهور: اربع 04 جولاءِ 2018ع: پاڪستان جي عالمي طور تي مشهور اداڪاره ماهره خان جو چوڻ آهي ته فهد مصطفيٰ سندس پسنديده اداڪار آهي، جڏهن ته مون کي هن سان ڪم ڪرڻ جو موقعو نه مليو آهي.

تازو ئي پرڏيهي ميڊيا کي ڏنل انٽرويو ۾ ماهره چيو ته هن وقت پاڪستان فلم انڊسٽري جو سڀ کان وڏو سپر اسٽار آهي پر هن کي هن وقت تائين فهد مصطفيٰ سان گڏ ڪم ڪرڻ جو موقعو نه مليو آهي. ماهره وڌيڪ ٻڌايو ته اسان ٻئي گڏجي ڪم ڪرڻ چاهيون ٿا جڏهن ته جنهن وقت ۾ اسان کي گڏجي ڪم ڪرڻ جي آڇ ٿي هئي ان وقت اسان ٻنهي وٽ وقت نه هو.

هن چيو ته فهد ۽ هو هڪ ٻئي جي تمام گهڻي عزت ڪندا آهن ۽ انٽرويو ۾ ماهره کان پڇيو ويو ته فهد مصطفيٰ هن کي باجي ڇو چوندو اهي جنهن تي اداڪاره چيو ته مون کي خبر نه آهي. هو مون کي باجي ڇو چوندو آهي. هاڻي جڏهن ان سان ملندس ته پڇندس.

واضح رهي ته فهد مصطفيٰ پنهنجي ايندڙ فلم ”لوڊ ويڊنگ“ جي اشتهاري مهم ۾ مصروف آهي جنهن ۾ هن سان گڏ مهوش حيات نظر ايندي.