دنيا ۾ پنجن سال کان گهٽ عمر جا پندرهن هزار ٻار روزاني موت جي منهن ۾ وڃن ٿا: گڏيل قومون

news

 نيويارڪ: اربع 04 جولاءِ 2018ع: سڄي دنيا ۾ 5 سالن کان گهٽ عمر وارا 15 هزار ٻار روزاني موت جي منهن ۾ وڃن ٿا جڏهن ته چئن هفتن جي عمر تائين پهچڻ کان اڳ فوت ٿيندڙ ٻارن جو انگ 7 هزار روزاني آهي. اها ڳالهه گڏيل قومن طرفان جاري ڪيل هڪ رپورٽ ۾ چئي وئي آهي.

رپورٽ مطابق تازن ڄاول ٻارن جي موت جي وڌيڪ شرح ايشيائي ۽ آفريقي ملڪن ۾ آهي جنهن کي روڪڻ لاءِ وڏي پيماني تي ڄاڻ جي ضرورت آهي. گذريل سال دوران پنج سالن جي عمر تائين پهچڻ کان اڳ فوت ٿي ويل ٻارن جو گڏيل تعداد 56 لک رهيو.

يونيسيف موجب 2000ع کان پوءِ حڪومتن ۽ عالمي ادارن جي ڪوششن جي نتيجي ۾ سالياني پنج ڪروڙ ٻارن جون جانيون بچايون پيون وڃن. جڏهن ته ان حوالي سان وڌيڪ اثرائتا قدم کڻڻ جي ضرورت آهي.