ڪرپشن اسڪينڊل: ملائيشيا جي اڳوڻي وزيراعظم تي فرد جرم لاڳو

news

 ملائيشيا: اربع 04 جولاءِ 2018ع: ملائيشيا جي اڳوڻي وزيراعظم نجيب رزاق تي ڪرپشن اسڪينڊل ڪيس ۾ فرد جرم لاڳو ڪيو ويو آهي. نجيب رزاق ڏوهه مڃڻ کان انڪار ڪري رهيو آهي.

ملائيشيا جي اڳوڻي وزيراعظم کي اڄ ڪولالمپور جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. جتي نجيب رزاق تي سرڪاري فنڊ ۾ بدعنواني ۽ ڦيرڦار جا 3 الزام لڳايا ويا آهن. الزام ثابت ٿيڻ تي اڳوڻي وزيراعظم کي هر الزام تي 20-20 سال جيل جي سزا ٿي سگهي ٿي.