پنجويهه جولاءِ تي عوام تاري تي ٺپا هڻي پ پ جي سنڌ مان تڏا ويڙهه ڪندو: سجاد علي ٽالپر

news

ٽنڊو محمد خان:اربع 04 جولاءِ 2018ع: ٽنڊو محمد خان ۾ پ پ مخالف جي ڊي اي جي اميدوارن عوام کي پ پ جي اميدوارن کي اليڪشن ورڪ ۾ ٽماٽا، پٽاٽا، بيضا هڻڻ بدران 25 جولاءِ تي سندن خلاف ووٽ ڏئي پنهنجو قومي فرض ادا ڪن. اهڙو اظهار جي ڊي جي اڳواڻ مير سجاد علي ٽالپر ٽنڊو محمد خان جي ويجهو ڳوٺ قبول ڪيريو ۾ اليڪشنري جلسي عام کي خطاب ڪندي ڪيو.

هن چيو ته پ پ 10 سالن جي اقتدار ۾ سنڌ جي عوام کي اٽي، لٽي اجهي جي نعري ۾ غربت، مفلسي، بيروزگاري، بدحالي ووٽ جي بدلي ۾ ڏني آهي. جنهن ڪري عوام پ پ سان نفرت جو اظهار ڪرڻ لاءِ سندن اميدوارن کان هر هنڌ پڇاڻو ڪري رهيو آهي، جنهن ۾ اسان کين صرف اهو چونداسين ته ڪوبه غيراخلاقي قدم کڻڻ بدران پنهنجو ووٽ جو جمهوري حق قومي فرض سمجهي پ پ جي اميدوارن خلاف ووٽ ڏيو ته اهو ڪرپٽ راشي اميدوارن جو احتساب ٿي ويندو.

جلسي عام کي جي ڊي اي جي طرفان اين اي 228 جي نامزد ڪيل اميدوار مير علي نواز ٽالپر خطاب ڪندي چيو ته پيپلزپارٽي کي پنجاب، خيبرپختونخواهه، بلوچستان، آزاد ڪشمير جي عوام جي رد ڪرڻ کانپوءِ سنڌ جي عوام به سڄي سنڌ ۾ سندن پڇاڻو ڪري سڀ کان وڌيڪ سنڌ ۾ احتساب ڪيو آهي. سنڌ جي ماڻهن هميشه جمهوريت لاءِ قربانيون ڏنيون آهن پر پيپلزپارٽي سنڌ جي ماڻهن کي صحت، تعليم، پيئڻ جي صاف پاڻي سميت ڪا به بنيادي سهوليت فراهم نه ڪري پنهنجي نااهلي جو ثبوت ڏنو آهي.

جنهن ڪري هاڻي 25 جولاءِ تي عوام تاري تي ٺپا هڻي پ پ جي سڄي سنڌ مان تڏا ويڙهه ڪندو. جلسي عام کي ڪيريا برادري جي اهم شخصيت سردار عبدالغني ڪيريو، جي ڊي جي اڳواڻ ڊاڪٽر نور احمد ٽالپر ۽ ٻين خطاب ڪيو. ان موقعي تي ڪيريا برادري جي طرفان جي ڊي اي جي اميدوارن جي مڪمل حمايت جو اعلان ڪيو.01