هنڱورجا ڀرسان درگاھ حضرت پير پريل شاھ جو ساليانو عرس مبارڪ شروع

news

هنڱورجا: اربع 04 جولاءِ 2018ع:هنڱورجا ڀرسان درگاھ حضرت پير پريل شاھ جو ساليانو عرس مبارڪ شروع ٿي ويو آهي، جنهن ۾ سنڌ جي ڪُنڊ ڪڙڇ مان هزارين عقيدتمند ۽ زائرين پهتل آهن، ٽن ڏينهن واري سالياني عرس مبارڪ جي موقعي تي ملاکڙي جو بين الصوبائي مقابلو ٿيو.

جنهن ۾ سنڌ ۽ پنجاب جي هڪ سئو کان وڌيڪ ملھ پهلوانن مقابلي ۾ حصو ورتو، ملھ مقابلي ۾ پهلوان گلاب چنو پنهنجي مخالف پهلوان حنيف راهو کي پوئين ملھ دسي ميلي جو مور ثابت ٿيو ۽ ميلي جي شوقينن سندس مٿان نوٽ نڇاور ڪري کيس کي خوب داد ڏنو.

جڏهن ته نظير ڀاڳت پنهنجي مخالف پهلوان سرور بيهڻ کي ملهه ماري مقابلو کٽي ورتو، ان کانسواءِ پهلوان واحد ڀٽي پنهنجي مخالف پهلوان احسان عرف وڇون مهيسر کي ملهه دسي ميدان ماري ورتو. جڏهن ته ملھ پهلوان اوشاق شيدي ۽ اعجاز شنباڻي سميت ٻين پهلوانن پڻ پنهنجا جوهر ڏيکاريا.01