ٽوبا ٽيڪ سنگهه جون بسون ڪراچي ۾ هلندڙ بسن کان بهتر آهن: شهباز شريف

news

ساهيوال: اربع 04 جولاءِ 2018ع: پاڪستان مسلم ليگ نواز جي صدر شهباز شريف چيو آهي ته ڪراچي تباهه ۽ برباد ٿي چڪو آهي جڏهن ته گندگي جا ڍير ۽ هر طرف غلاظت ڦهليل آهي، ٽوبا ٽيڪ سنگهه جو بسون ڪراچي ۾ هلندڙ بسن کان وڌيڪ بهتر آهن.

ساهيوال ۾ ورڪرز ڪنوينشن کي خطاب ۾ هن جو چوڻ هو ته پيپلز پارٽي چوي ٿي ته مرسون مرسون سنڌ نه ڏسيون، ان جو مطلب آهي ڪم نه ڪرسون.

شهباز شريف چيو ته زرداري صاحب جي خلاف 20، 20 ڪلاڪن جي لوڊشيڊنگ تي احتجاج ڪيو ويندو هو، هاڻ صرف ڪجهه ڪلاڪن جي لوڊشيڊنگ رهجي وئي آهي.

هن چيو ته پنج سالن ۾ 11 هزار ميگاواٽ بجلي جا منصوبا لڳايا ويا. هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته ساهيوال وارو 10 سالن تائين مان اوهان جي خدمت ڪندو رهيو آهيان، پهريان جڏهن مان اوهان وٽ ايندو هوس ته ڪجهه ڏيڻ ايندو هوس، اڄ مان سوالي بڻجي اوهان کان ڪجهه وٺڻ آيو آهيان.