مٽياري پوليس پاران واپاريءَ سان فراڊ جي ڪوشش ڪندڙ ٻه جوابدار سوگها

news

مٽياري: اربع 04 جولاءِ 2018ع:پوليس ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته مٽياري ٿاڻي جي حد ۾ سنڌ ميمڻ اتحاد جي سرواڻ حاجي عبدالزاق ميمڻ جي پٽ واپاري حاجي شهزاد ميمڻ سان ٻن همراھن سي اين جي تي پهچي فراڊ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن دوران واپاري ٻنهي جوابدارن کي سوگهو ڪري پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي.

هوڏانهن رابطي ڪرڻ تي ايس ايڇ او مٽياري ٻڌايو آهي ته واپاري شهزاد ميمڻ سان ٻن جوابدارن هر هڪ نالي نصير احمد پالاري جيڪو نوري آباد جو رهواسي آهي ۽ ٻيو اڪبر جيڪو ٽنڊو غلام علي جو رهواسي آهي، انهن ڪوڙا بانڊ ڏئي ڪيش رقم گهري ۽ فراڊ جي ڪوشش ڪئي، جيڪا ناڪام ٿي آهي.

ايس ايڇ او ٻڌايو آهي ته ٻنهي جوابدارن کي واپاري سوگهو ڪري پوليس کي ڏنو آهي پر اڃا تائين فريادي نه پهتا آهن، جئين ايندا ته ڪيس داخل ڪيو ويندو، جيڪڏهن فريادي نه آيا ته سرڪاري فرياد تي به ڪيس داخل ڪيو ويندو.01