پيٽروليم وارين شين جا اگهه ڇو وڌايا ويا، جواز ڏيڻو پوندو: چيف جسٽس

news

 اسلام آباد: خميس 05 جولاءِ 2018ع: چيف جسٽس پاڪستان جسٽس ميان ثاقب نثار پيٽروليم وارين شين جي قيمتن ۾ تازو وڌايل اگهن تي خدشن جو اظهار ڪندي چيو ته پيٽروليم وارين شين جا اگهه ڇو وڌايا ويا، ان جو جواز ڏيڻو پوندو.

چيف جسٽس پاڪستان جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ پيٽروليم وارين شين جي اگهن ۾ واڌ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ان موقعي تي چيف جسٽس ثاقب نثار پڇاڻو ڪيو ته پيٽرول جي قيمت تي وري 7 رپيا واڌ ڪئي وئي، جنهن تي اٽارني جنرل ٻڌايو ته عالمي منڊي ۾ ڪچي تيل جي قيمتن ۾ واڌ ٿي ۽ رپئي جي قيمت ۾ گهٽتائي سبب پيٽروليم جي شين جي قيمت وڌي. ان موقعي تي جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته سيل پرائس ۽ لينڊڊ پرائس ۾ وڏو فرق آهي، جڏهن ته چيف جسٽس چيو ته ڪٿي نه ڪٿي ڪجهه نه ڪجهه ٿي رهيو آهي، ڪڏهن سيلز ٽيڪس وڌايو پيو وڃي ۽ ڪڏهن ڪسٽم ڊيوٽي، اها ڪنهن ڳالهه جي آهي، اسان پيٽروليم وارين شين جي قيمتن ۾ واڌ تي ماهرن کان راءِ چاهيون ٿا.

چيف جسٽس ڊپٽي اٽارني جنرل کان پڇاڻو ڪيو ته ٽن مهينن جي پيٽروليم وارين شين جي قيمتن جو بريڪ اپ ڏيو، جنهن تي هن چيو ته پي ايس او وارا ئي ٻڌائي سگهن ٿا. چيف جسٽس چيو ته جيڪڏهن پيٽروليم وارين شين جا اگهه وڌي رهيا آهن ته ٽيڪس ايڊجسٽ ڪريو، عوام تي وزن نه وجهو، ماڻهو اهو وزن کڻي نه سگهندا. جسٽس اعجاز الاحسن پڇاڻو ڪيو ته ڇا توهان ان ڳالهه تي اتفاق ڪري سگهو ٿا ته ڊيلر مارجن گهٽ ٿي سگهي ٿو، جنهن تي اٽارني جنرل چيو ته ڊيلر مارجن 12 مهينن لاءِ هوندو آهي ۽ هاڻي اهو وڌايو ويو آهي.

ٻڌڻي دوران پي ايس او هلندڙ مهيني جي پيٽروليم وارين شين تي لاڳو ٽيڪس جا تفصيل جمع ڪرايا، جنهن مطابق عوام رڳو جولاءِ ۾ 70 ارب کان وڌيڪ واڌو وزن برداشت ڪندي. چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته جڏهن سڀ شيون وڌايون وينديون ته ماڻهن تي وزن تي اچڻو ئي آهي، 5 رپيا ڏئي سفر ڪرڻ وارا 10 رپيا وٺندا ته پهريان اهي پنهنجي ئي پيٽ تي ڪٽ هڻندا ۽ ٻارڙن جي فين تي پوءِ خوشين تي کين سمجهوتو ڪرڻو پوندو. چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته پيٽرول جي قيمت ڪيئن گهٽ ٿي سگهي ٿي اهو ٻڌايو، جنهن تي ايف بي آر جي نمائندي چيو ته قيمتون گهٽائڻ وڌائڻ وفاقي حڪومت جي اختيارن ۾ آهي.

چيف جسٽس سوال ڪيو ته بغير نقصان جي قيمتن ۾ ڪيترو سيڪڙو گهٽتائي ٿي سگهي ٿي، جنهن تي اٽارني جنرل چيو ته قيمتن جي معاملي ۾ وفاقي حڪومت کي آن بورڊ وٺڻو پوندو ۽ ان لاءِ ڪجهه وقت ڏيو. عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 8 جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.