سپريم ڪورٽ پاران موبائل ڪارڊن تي ٽيڪس معطل رکڻ جو حڪم

news

 اسلام آباد: خميس 05 جولاءِ 2018ع: سپريم ڪورٽ مهانگائي جي ماريل عوام کي خوشخبري ڏيندي موبائل فون ڪارڊن تي ٽيڪس ايندڙ حڪم تائين معطل رکڻ جو حڪم ڏنو آهي.

چيف جسٽس ميان ثاقب نثار جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي ٽه رڪني بينچ موبائل فون بيلنس تي ٽيڪس بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

عدالت حڪم ڏنو ته موبائل ڪارڊن تي ٽيڪس ايندڙ حڪم تائين معطل رهندو. چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته سپريم ڪورٽ موبائل ڪارڊن تي ٽيڪس رڳو 10 ڏينهن لاءِ معطل نه ڪيو هو. عدالتي حڪم جي روشني ۾ شهرين کي 100 رپئي جي ريچارج تي 100 رپيا ئي ملندا رهندا.