حيدرآباد ۾ ميونسپل ڪاميٽي جي ملازمن پاران بحالي لاءِ بک هڙتالي ڪئمپ قائم

news

حيدرآباد: خميس 05 جولاءِ 2018ع:ميونسپل ڪاميٽي قاسم آباد جي جبري طور برطرف ٿيل  ملازمن پاران ٻئين ڏينهن به اڳوڻي صوبائي وزير بلديات جي مبينا ڏاڍاين خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪرڻ کانپوءِ علامتي بک هڙتالي ڪئمپ قائم ڪئي وئي.

ان موقعي تي مظاهرين جي اڳواڻي ڪندڙن اياز علي،  چيتن ڪمار، مشتاق پٺاڻ، دانيال، محمد علي شاھ ۽ ٻين الزام هڻندي چيو ته اسان لوڪل گورنمينٽ سنڌ جا ملازم آهيون.

اسان کي سال 2016ع ۾ ان وقت جي وزير بلديات ڄام خان شورو پارٽيءَ ۾ گروپ بندي هجڻ سبب انتقامي ڪارروائي جو نشانو بڻائيندي نوڪري مان برطرف ڪيو هو، بيروزگار ٿيڻ سبب اسان اڄ تائين فاقا ڪشيءَ واري زندگي گهاري رهيا آهيون.

هنن وڌيڪ چيو ته 15 مئي سال 2018ع تي سنڌ جي مڙني لوڪل گورنمينٽ ملازمن کي پنهنجي نوڪرين تي بحال ڪرڻ جو سنڌ حڪومت پاران هڪ ليٽر جاري ڪيو ويو هو.

جنهن تحت سنڌ جي ٻين هنڌن تي ملازمن کي بحال ڪيو ويو آهي پر قاسم آباد ميونسپل ڪاميٽي اسان کي اڃا تائين جوائننگ نه ٿي ڏي.

اسان سنڌ جي نگران وزير اعليٰ کي اپيل ڪريون ٿا ته اسان کي به پنهنجي نوڪرين تي جوائننگ ڏياري ته جئين اسان ٻارڙن جو پيٽ پالي سگهون.01