حيدرآباد: خميس 05 جولاءِ 2018ع: بيلجيئم جي گادي واري هنڌ برسلز ۾ هڪ سپر اسٽور جو دلچسپ قدم، گراهڪن کي تازيون ڀاچيون ڏيڻ لاءِ عمارت جي ڇت تي فصل پوکي ڇڏيو.
اسٽور انتظاميه هڪ بيان ۾ چيو آهي ته هنن اربن فارم جي نالي سان عمارت جي ڇت تي فصل پوکيو آهي، ان ۾ ڀاڄيون ڪيميائي ڀاڻ ۽ زهريلي دوائن کان بنا پوکيو ويندو آهي.
سندن ان قدم جو مقصد شهرن ۾ ماحولياتي گدلائڻ گهٽ ڪرڻ لاءِ ٻوٽا پوکڻا آهن، ان جو اسٽور کي اهو فائدو آهي ته ان جو ٽرانسپورٽ جو خرچ گهٽ ٿي ويو آهي ۽ تازيون ڀاڄيون گهٽ قيمت تي وڪرو ڪري سگهجن ٿيون.