آمريڪا ۽ ڪينيڊا ۾ هيٽ ويو سبب چوويهه ڄڻا فوت

news

نيويارڪ: خميس 05 جولاءِ 2018ع: آمريڪا ۽ ڪينيڊا ۾ گرم موسم ۽ هيٽ ويو سبب گهٽ ۾ گهٽ 24 ماڻهو فوت ٿي ويا. ڪينيڊا ۾ هلندڙ هفتي ايندڙ هيٽ ويو سبب فوت ٿيندڙن جو تعداد 19 تائين پهچي چڪو آهي جن ۾ سڀ کان وڌيڪ فوتگيون ڪيوبيڪ صوبي جي شهر مونٽريال ۾ ٿيون آهن.

مونٽريال ۾ هيٽ ويو سبب وڌيڪ 6 ماڻهن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي جنهن کانپوءِ اتي فوتگين جو تعداد 12 ٿي ويو آهي. مونٽريال ۾ گرمي پد 34 ڊگري رڪارڊ ڪيو ويو جڏهن ته ڪينيڊا جي وچ ۽ اوڀر علائقا سخت گرمي جي لپيٽ ۾ آهن. پوري ملڪ ۾ جمعي کان گرمي جي شدت ۾ گهٽتائي جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي. ڪينيڊا جي صوبي ڪيوبيڪ جي مختلف علائقن ۾ به سخت گرمي سبب 5 ڄڻا فوت ٿيا.

صحت کاتي موجب لاول ۽ موريسي جي علائقن ۾ به هڪ هڪ شخص فوت ٿيڻ جا اطلاع آهن.

صحت کاتي جي اختيارين جو چوڻ آهي ته جن ماڻهن جي موت واقع ٿي انهن جي گهرن ۾ ايئرڪنڊيشنز جي سهولت موجود نه هئي ۽ هو پهريان کان طبي مسئلن جو شڪار هئا.