حيدرآباد ۾ پي ايف يو جي پاران ڊان اخبار تي هنيل اڻ اعلانيل پابندي خلاف احتجاجي مظاهرو

news

حيدرآباد:خميس 05 جولاءِ 2018ع: ڊان اخبار ۽ ڊان نيوز ٽي وي تي هنيل اڻ اعلانيل پابندين خلاف پاڪستان فيڊرل يونين آف جي سڏ تي حيدرآباد يونين آف جرنلسٽس طرفان حيدرآباد پريس ڪلب تي ڪارو جهنڊو ڦڙڪائي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ڊان ٽي وي نيوز ۽ ڊان اخبار تي هنيل اڻ اعلانيل پابندي خلاف پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس جي مرڪزي سڏ تي حيدرآباد يونين آف جرنلسٽس طرفان پي ايف يو جي ايگزيڪيوٽو ڪاميٽي جي ميمبر لالا رحمان سمون، ايڇ يو جي صدر جئه پرڪاش موراڻي، ايڇ يو جي ايگزيڪيوٽو جي ميمبر اقبال ملاح، وسيم خان، منصور مري، غلام فريد لاکو، نياز وگهيو، ڪامران ميمڻ،  پير نظام ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري حيدرآباد پريس ڪلب تي ڪارو جهنڊو ڦڙڪايو ويو.

ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته ڊان اخبار ۽ ڊان ٽي وي تي اڻ اعلانيل پابندي آزاد صحافت تي وار آهي، جهموري حڪومت اهڙو قدم کڻي آزاد صحافت کي للڪاريو آهي.

هنن چيو ته ڊان اخبار ۽ ڊان ٽي وي عوام جي آواز کي ايوانن تائين پهچائڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو آهي، جيڪو ڪجهه ڌرين کي پسند ناهي، ان ڪري انهن کي نشانو بڻايو ويو آهي. پي ايف يو جي ۽ ايڇ يو جي ڪنهن به اخبار يا ٽي وي چئنل کي بند ڪرڻ واري عمل کي برداشت نه ڪنديون.

اڳواڻن چيو ته ڊان اخبار ۽ ڊان ٽي وي تي هنيل اڻ اعلانيل پابندي نه رڳو آزاد صحافت تي وار آهي پر ڪيترن ئي ماڻهن کي بيروزگار ڪرڻ جي سازش پڻ آهي.

هنن مطالبو ڪيو ته ڊان اخبار توڙي ڊان ٽي وي نيوز تي هنيل پابندي فوري طور تي واپس وٺي صحافين ۽ ميڊيا هائوسز کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ تحريڪ هلائي ويندي.01