عورتن جو ووٽ اھميت رکي ٿو، کين آگاھي ڏيڻ جي وڌيڪ ضرورت آهي: سکر ۾ گڏجاڻي

news

سکر:خميس 05 جولاءِ 2018ع: ماروي رورل ڊولپمينٽ آگنائيزيشن سکر پاران ووٽ جي اھميت بابت ھڪ گڏجاڻي منقعد ڪئي وئي، جنھن ۾ مختلف شعبي سان تعلق رکندڙ عورتن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، جنھن ۾ لوڪل گورنمينٽ  ٽيچرس، پروفيسرس، سوشل ويلفيئر، وومن ويلفيئر، پاپوليشن ويلفير کاتي ۽ سياسي سماجي اڳواڻ شامل ھيون.

ان موقعي تي ميڊم صفيا بلوچ ۽ ميڊم تجليف پيرزادو چيو ته عورتن جو ووٽ اھميت رکي ٿو، انھن کي ووٽ بابت آگاھي ڏيڻ جي وڌيڪ ضرورت آهي.

سياسي جمائتن کي گهرجي ته عورتن لاءِ مخصوص ڪوٽا رکي وڃي، انھن کي مخصوص سيٽن بدران جنرل سيٽن تي حصو وٺڻ  کپي.

جڏهن ته سوشل ويلفيئر جي  ڊپٽي ڊائريڪٽر دين محمد شيخ ۽ ماروي جي پروگرام مينيجر سلمان علي جو چوڻ ھو ته عورتن کي گھرجي ته ووٽ جي اھميت کي سمجهي اليڪشن ۾ ڀرپور حصو وٺن.01