رحيم يار خان ڀرسان اڻڄاتل هٿياربندن جي فائرنگ، عدالت ۾ پيشي تي ويندڙ چار ڄڻا قتل

news

 رحيم يار خان: جمعو 06 جولاءِ 2018ع: رحيم يار خان  ۾ پيشي لاءِ عدالت ويندڙ گاڏي تي اڻڄاتل هٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا قتل ٿي ويا آهن.

رپورٽن مطابق رحيم يار خان جي جگنو چوڪ وٽ پيشي تي عدالت ويندڙ ماڻهن جي گاڏي تي اڻڄاتل هٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا قتل ٿي ويا.

فائرنگ ۾ دڪاندار ۽ 2 واٽهڙو پڻ زخمي ٿيا آهن. اطلاع کانپوءِ پوليس ۽ امدادي ٽيمن پهچي لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو.